اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي. 2013ع ۾ ان جي افتتاح کان هاڻي تائين ٻئي مل?? گڏيل مشاورت، گڏيل تعمير ۽ گڏيل شيئرنگ جي اصولن مطابق سي پيڪ منصوبن جي تعمير کي اڳ??ي وڌائي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪيترائي شروعاتي ثمر ح??صل ڪيا ويا آهن، جن جي ڪري نه صرف پاڪستان جي اق??صا??ي ۽ سماجي ترقيءَ کي نئين قوت ملي آهي پر خطي ۾ گڏيل رابطي ۽ ضم ٿيڻ جي عمل لاءِ به سٺو بنياد وڌو ويو آهي. سي پيڪ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ چئني موسم جي دوستيءَ جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت بڻجي چڪو آهي. اها راهداري ٻنهي مل??ن وچ ۾ نئين دؤر ۾ چين پاڪ هم نصيب معاشرو جوڙڻ ۾ اهم حمايت به فراهم ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن چائينا ميڊيا گروپ مطابق چيني صدر چين پاڪ اق??صا??ي راهداري جي افتتاح جي 10هين سالگره تقريب تي مبارڪباد جي پيغام ۾ زور ڀريو ته مستقبل ۾ چين پاڪستان سان گڏجي اعليٰ معياري، پائيدار ۽ عوام دوست هدفن تي قائم رهند?? منصوبا بندي ۽ انتظامن کي بهتر بنائڻ ۽ سهڪار کي واڌ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن سي پيڪ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي اعليٰ معيار کان گڏيل تعمير جي شعبي ۾ هڪ مثال?? منصوبو بنايو وڃي.
سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو