شجاع آ??اد – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي صرف سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي، اسان هر طرح جو نظام آزمايو آهي جنهن سان سـٺا نتيجا حاصل ناهن ٿيا، پاڪستان صرف جمهوريت جي اندر ئي اڳتي وڌندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنج سالن ۾ اربين روپ??ن جا ترقياتي منصوبا نه رڳو شروع ڪيا پر مڪمل ڪرايا جنهن جو 65 سالا تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ملتان – سکر موٽر وي جي ملتان شجاع آ??اد حصي جي تڪميل سان علائقي جي عوام صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد پهچي سگهندي جيڪو مقرر مدي کان هڪ سال اڳ مڪمل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ملتان، سکر 294 ارب روپ??ن جي لاڳت واري منصوبي جي ملتان کان شجاع آ??اد حصي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا