اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني ??ي رياست اسان جي لاءِ رول م??ڊل آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني ??ي رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون اس??يمون ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ ??يا??ي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اس??الرشپ پروگرام سان پاڪستان جو بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اس??الرشپ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اس??الرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.
اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں