ڪراچي – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايوان صدر ۾ بجلي جو نظام شمسي توانائي تي منت??ل ڪرڻ جي لاءِ ايوان صدر جي انتظاميه ۽ نجي ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون، صدر ڊا??ٽر عارف علوي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ موجود هو، صحيحون نجي ڪمپني جي سي اي او شميم احمد ۽ ايوان صدر جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد شوڪت ڪيون، ايوان صدر جي بجلي جي نظام کي شمسي توانائي تي منت??ل ڪرڻ سان بجلي جي بل جي مد ۾ ادا ٿيندڙ رقم کي بچائي سگهبو، تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ متبادل توانائي حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 59 لک خاندانن جي مدد ڪئي وئي جنهن مان کين ڪورونا جي وقت مشڪل حالتن ۾ بيروزگاري جي باعث ذهني سڪون ميسر آيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین