اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ ??ابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي ايف بي آر جي چيئرمين آن لائين رجسٽريشن سسٽم ۽ آگاهي سيمينار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آب??د ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، ڪنسٽرڪشن شعبي سان جڙيل 112 ماڻهو ۽ ڪمپنيون ايف بي آر سان رجسٽر ٿي چڪيون آهن جيڪي 123 منصوبن تي ڪم ڪندا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سيڙپڪارن جي لاءِ ون ونڊو پورٽل ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ 19 منصوبن جي منظوري ڏني وئي ??هي، 75 منصوبن لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي ??هي، منصوبن جي نگراني لاءِ ڪميٽي نوٽيفائي ڪئي وئي ??هي، جنهن ۾ پ??ائ??ويٽ سيڪٽر جا نمائندا به شامل آهن.
وزيراعظم جي صدارت ۾ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری