اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين ??يش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پن??نج?? قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پن??نجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پن??نجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ري??پانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.
عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا