اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ابوظهب?? جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ لاهور ۾ دهشتگرد?? جي واقعي ۾ جاني نقصان جي مذمت ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهب?? جي ولي عهد 20 جنوري 2022ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حمل?? جي سخت مذمت ڪئي، جنهن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تعزيت ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هر قسم جي دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پڪي عزم کي و????ائ??ندي و??يراعظم چيو ته دهشتگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپ?? جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻ??هي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳيتو ۽ خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.
وزيراعظم کي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná