اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختيا??ي تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو جڏهن ته ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، پاڪستاني قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. پريڊ ايوينيو شڪر پڙيان ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ۾ خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته دشمن تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان پنهنجي خودمختيا??ي تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو ڇو ته قوم ۽ ا?? جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي. هن سال پاڪستان ڏاهڙي جي سالياني تقريب کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ڇو ته 57 رڪني اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن هٿياربند فوج جي پريڊ جو مظاهرو ڏٺو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان، ڪابينا جا ميمبر، پرڏيهي سفارتڪار، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار ۽ پاڪستا?? جي لاءِ خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستا?? جي پاڙيسري ملڪ جا توسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن. هن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ذڪر ڪيو ۽ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي انساني حق?? جي جاري خلاف ورزين کي روڪين. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف ملڪ جي عزم جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته پاڪستاني قوم جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن نهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ تي ملڪ جي هٿياربند فوج ۽ قوم جي بهادري ۽ حوصلي کي ساراهيو. صدر چيو ته قوم ۽ سمورن رياستي ادارن ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول کي سدائين نظر ۾ رکڻ گهرجي ته بطور قوم متحد ٿي بيهون ۽ پنهنجي صفن ۾ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪريون. صدر پاڪستا?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي ڏينهن اهڙي طرح خاص آهي ته هي ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 75 ??ين سالگرهه جو موقعو آهي. هن انهن هم وطنن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو جن ملڪ جي خودمختياري لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ ا?? جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته هڪ مضبوط ۽ متحد قوم هجڻ جي ناطي اسان پنهنجي ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري کي بلند رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. پاڪستا?? جي ميزباني ۾ او آءِ سي جي 48 ??ين پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي مناسبت سان هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان اسلامي ملڪ?? جي تنظيم جي مضبوطي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا کي فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن سميت ڪيترائي چئلينجز دپيش آهن ج?? جي فوري حل جي ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحا?? جي نشاندهي ڪندي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ پاڪستان ا?? جي خلاف ڀرپور ڪوششون ڪيون جنه?? جي نتيجي ۾ گڏيل قومن پاران هڪ قرارداد منظور ٿي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خاتمي جي ڏينهن طور ملهايو ويندو ۽ چيو ته اهو قدم پوري دنيا ۾ مسلمان?? جي خلاف نفرت کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو. افغانستان بابت هن چيو ته دنيا کي ان صورتحال جو نوٽيس ??ٺڻ گهرجي جتي افغاني بک ۽ غربت جي شڪل ۾ انساني بحران جو شڪار آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي انتهاپسندي، عدم برداشت، جعلي خبرن ۽ عورت?? جي ح قن کان انڪار جا چئلينجز درپيش آهن. معاشري جي سمورن طبق خاص طور تي عالم سڳورن، والدين، استادن ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميواري جو احساس ڪن. هن خانداني نظام کي قوم جي طاقت قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان سماجي ڍانچي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. هن چيو ته هي تقريب اسا?? جي قوم جي اتحاد، ترقي ۽ اسا?? جي فوجي طاقت جي عڪاس آهي.
پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو جڏهن ته ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کي سختي سان منهن ڏنو ويندو: صدر
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل