اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي ??طري قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي ??طري سفير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪس??ان لاڳاپن جي اهم??ت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي ??زيراعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪس??ان ۽ قطر افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪس??ان ۽ قطر جي وچ ۾ عقيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ??يجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل