والاريل بيت المقدس- 06 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي غزه ۾ ٻارڻ ۽ ٻي امداد جي پهچ جي اجازت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. برطانوي خاب??و اداري موجب آمريڪي پرڏيهي ک??تي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پهچندڙ امداد ڪافي ناهي، ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان اسرائيلي حڪومت تي هي واضح ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ٻڌايو هو ته سومر تي 100 انساني امداد جا ٽرڪ ۽ تقريبن 69 هزار ليٽر ٻارن مصر کان غزه پهچايو ويو، گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجاڪ اڱاري تي صحافين کي ٻڌايو ته هي (امداد) 170 ٽرڪن ۽ 110000 ليٽر ٻارڻ جي روزاني ک??ن گهٽ آهي جيڪا 24 کان 30 نومبر وچ ۾ جنگ ۾ وقفي دوران فلسطين ۾ داخل ٿي، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن گذريل هف??ي 7 آڪٽوبر تي غزه کان اسرائيل تي حماس جي حملي ک??نپوءِ وچ اوڀر جي پنهنجي ٽئين دوري تي اسرائيلي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته هو امداد جي پهچ ۾ اضافو ڪري ۽ حماس جي خلاف ڪارروائي ۾ شهرين کي گهٽ کان گهٽ نقصان پهچائي.
اسرائيل کي غزه ۾ امداد جي پهچ جي اجازت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil