وا??نگ??ن – 15 مارچ (اي پي پي) وائٽ هائوس ۾ قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو ته آمريڪي انتظاميا شهرين کي ڪڍڻ جي واضح منصوبي کانسواءِ رفح ۾ فوجي آپريشن جي حمايت نه ڪندي. العربيا اردو مطابق هن چيو ته اسان اسرائيل سان رفح ۾ انساني صورتحال بابت ڳالهيون ڪندا رهون ٿا. هن چيو ته دفاع واري وزارت غزه ۾ عارضي بندرگاهه کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجن شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. جان ڪربي جو ب??ان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان فوج کي رفح ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي بي?? الاقوامي دٻاءُ کي رد ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. نيتن ياهو چيو هو ته اسرائيلي فوج رفح ۾ ويڙهه جاري رکڻ جي تياري ڪري رهي آهي، ان دوران اسانکي خطي ۾ داخل ٿيڻ ۽ مشن کي مڪمل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ بي?? الاقوامي دٻاءُ درپيش آهي، اسرائيل جو وزيراعظم هجڻ ??ي ناطي هو ان دٻاءُ جو مقابلو ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار