ماسڪو-04 آڪٽوبر(اي پي پي )روس اسرائيل ۾ موجود پنهن??ن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل ۾ روس جي سفير اناتولي وڪٽروف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب روس جي شهرين تي ??ور ڀريو آهي ته هو اسرائيل ڇڏي ڏين. اناتولي وڪٽروف وچ اوڀر ۾ تيزي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو . روس جي سفير چيو ته اسان اسرائيل ۾ موجود پنهن??ن شهرين کي مشورو ڏئي رهيا آهيون ته جيستائين اتان باقاعده اڏامون هلي رهيون آهن ملڪ مان نڪري وڃن. اناتولي وڪٽور ف??وسي شهرين تي ??ور ڀريو آهي ته هو اسرائيل جي سفير بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي زندگي ۽ صحت تي لاڳو خطرن تي غور ڪن. روس جي سول ايوي ايشن ايجنسي جي سفارشن موجب ڪيتريون ئي روسي ايئرلائنز هن هفتي جي شروعات ۾ اسرائيل – ايران ۽ عراق لاءِ اڏامون ملتوي ڪيون آهن. ان کان اڳ روس جي نائب وزيراعظم کي کڻي ويل دوحه ويندڙ جهاز کي اسرائيل ۾ ايراني ميزائل حملي سبب رستي ۾ موڙيو ويو جنهن کان پوءِ اهو جهاز واپس روس اچي ويو هيو.
روس پاران پنهنجن شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado