برسلز _ 14 نومبر (اي پي پي ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آه?? ته اسرائيل غزه ۾ عسڪريت پسندن کي خت?? ڪرڻ جو پنهنجو مقصد حاصل ڪ??ي ورتو آهي هاڻي هو جنگ سٽيل غزه جي شهرين کي پنهنجي علائقن ڏانهن و??پس وڃڻ جي اجازت ڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ۾ هن چيو ته اسرائيل اهو معيار پاڻ طئي ڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي اسٽريٽجڪ هدف کي پورو ڪري چڪو آهي . هن چيو ته غزه ۾ جنگ خت?? ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته اها ويڙهه هاڻي وچ اوڀر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي رهي آهي . هن جو چوڻ هو ته جنگ کي خت?? ڪرڻ ئي غزه جي سويلين آبادي کي هنگامي بنيادن تي گهربل امداد جي فراهمي جو سڀ کان موثر ذريعو هوندو . ان لاءِ غزه ۾ ڊگهي وقت تي ٻڌل حقيقي جنگ بندي ڪئي وڃي . هن چيو ته اها اسرائيل جي ذميواري آه?? ته هو غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري ڪري . هن غزه ۾ جاري انساني بحران کي حل ڪ??ڻ لاءِ مسلسل ۽ موثر ڪوششن تي زور ڀ??يو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته غزه ۾ ڪيتريون ئي امدادي ٽرڪون ڦُرلُٽ ۽ ٻين ڏوهن سبب امدادي سامان و??هائي ناهن سگهيون، اهو ضروري آه?? ته ان صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي.
اسرائيل عسڪريت پسندن جي خاتمي جو هدف حاصل ڪري ورتو، هاڻي غزه ۾ جنگ بند ڪري: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : بونانزا