واشنگٽن-10 جنوري(اي پي پي)دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي الٽرنيٽيو فار جرمني (اي ??يف ڊي) لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي سياست ۾ مداخلت ڪندي ايڪس تي لائيو اسٽريم دوران ايلون مسڪ اي ??يف ڊي جي اڳ??اڻ ايليسا وائڊل جي حمايت ڪئي آهي. ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سربراهه ۽ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اتحادي ايليسا وائڊل سان ڳالهين دوران چيو ته صرف اي ??يف ڊي جرمني کي بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي اهڙي سياسي پارٽي جي حمايت ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جرمني ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. ايلون مسڪ گذريل سال ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪ??مياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اثر رسوخ ۽ دولت جو استعمال ڪيو هو ۽ هاڻي 23 فيبروري تي جرمني ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ اي ??يف ڊي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. واضع رهي ته هن ايلسيا وائڊل کي مشهور شخصيت قرار ڏيندي جرمن ووٽرز کي تجويز ڏني ته اي ??يف ڊي کي ووٽ ڏين. اي ??يف ڊي 2013 ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڳ??ڻي ڪميونسٽ اوڀر جرمني جي مشهور سياسي پارٽي هئي.چونڊن کان اڳ ان پارٽي کي اٽڪل 20 سيڪڙو جي سرسي حاصل آهي جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين ان کي اتحادي پارٽنر طور رد ڪري ڇڏيو آهي. جرمني جي گهرو انٽيليجنس سروس،اي ??يف ڊي کي کاٻي ڌر جي انتها پسند تنظيم سمجهي ٿي.جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ برطانوي ڪيئر اسٽارمر سميت يورپ جي ڪيترن ئي اڳ??اڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي يورپ ۾ ايولون مسڪ خ??اف شديد ڪاوڙ موجود آهي.
ايلون مسڪ پاران جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena