اسل??م آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر سان پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن تاپي گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان عزم کي ورجايو ته توانائي جي ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ??عاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاريخي ۽ مذهبي رابطا آهن ۽ انهن جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ??لڪ?? جي ??وا?? جي دلين ۾ قائم ??هن. هن چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد ۾ تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي.
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری