رياض – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب پاڪستان کي ادائيگين جي توازن جي لاءِ هڪ سال جي لاءِ 3 ارب ڊ??لر ۽ تيل جي درآمد جي لاءِ 3 ارب ڊ??لر تائين هڪ سال تائين ادائيگي جي سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان ڪاميا?? ڳالهين دوران ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب سعودي عرب پاڪستان ۾ آئل ريفائنري منصوبي ۾ ??ڻ دلچسپي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب جي ولي عهد شه??اد?? محمد بن سلمان پاڪستاني ڪارڪنن جي لاءِ ويزا فيس ۾ گهٽتائي جي لاءِ وزيراعظم جي تجويز سان اتفاق ڪيو جيڪو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي افرادي قوت وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي سفر ۾ سهولت ڏيڻ طرف نمايان قدم آهي.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا