اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان وڏو آهي ۽ ان جي شروعات 2000ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن ن??ب عملدارن حديبيه پيپرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين ن??از، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنه??جو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو مستقبل قانون جي حڪمراني سان واڳيل آهي. حديبيه پيپر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسحاق ڊار ان فراڊ ۾ شريف خاندان جي معاونت جي لاءِ فارن ڪرنسي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار واعده معاف گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي پنه??جو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چئي ته کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو.
حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável