اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي پوليو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فر?? بڻائي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پوليو کي به شڪست ڏيڻي آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فر??ان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي شاهه، محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان آرمي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صوبائي چيف سيڪريٽريز، صحت ??ار?? وزارت ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حۡڪومتن جي موثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري ملڪ ۾ بلوچستان مان صرف هڪ پوليو ڪ??س رپورٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي ڪري پوليو جي روڪٿام ??ار?? مهم سستي جو شڪار ٿي، اجلاس کي آگاهه ڪي?? ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پوليو وائرس جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، اهو ٻڌاي?? ويو ته پهچ، سيڪيورٽي۽ والدين جي عدم تعاون جي سببن جي بنياد تي مهم ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا آهن، اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ جاگرافيائي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پيو وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي پوليو نگراني بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي ??ار?? مهم ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.
ملڪ کي پوليو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد