اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيهي سياست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي افواهن جو سهارو وٺڻو هوندو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گهرو و??ير جي ڪتاب ”لال حويلي کان گڏيل قومن تائين – سياست جا 50 سال“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چو??ري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آهن، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته شيخ رشيد ا??مد اسان جي سياست ج?? روشن رخ آهي، هن سدائين ملڪي سياست ج?? روشن رخ اجاگر ڪيو. چو??ري فواد حسين شيخ رشيد ا??مد جي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شيخ رشيد ا??مد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين هو ملڪي سياست جو محور رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آهي. هن چيو ته شيخ رشيد ا??مد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سياست جو رخ تعين ڪرڻ ۾ شيخ رشيد ا??مد جو آواز اهميت رکي ٿو، شيخ رشيد ا??مد جي ڪتاب ۾ شيخ رشيد ا??مد پنهنجي سياسي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪتاب جي ڪامياب مهورتي تقريب تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا