اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ ٻن عورتن سميت چيني شهرين ۽ ڊرائيور جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ميڊيا آفي?? مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بابت شروعاتي تفص??لن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم زخمين کي علاج جون بهترين سهولتونف راهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ ۾ هر طرح سان توهان جي مدد ڪنداسين. وزيراع??م چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، اتحاد ۽ اجتماعي ڪوششن سان انهن کي ختم ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے