اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور چيو آهي ته سندس اداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (ي ايس ايڊ) جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور جيڪا ٻوڏ بابت تباهي جي پئماني جو جائزو وٺڻ ل??ءِ 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي، اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ جي ڏس ۾ آمريڪا پاران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي سمانٿا پاور جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان سپر فلڊ سان ٿيندڙ وڏ?? تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي دورو آمريڪي حڪومت جو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار آ??ي. ??زيراعظم سمانٿا پاور کي پاڪستان ۾ بوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني کان آگھاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان فوتگين جو انگ 1300 کان وڌيڪ، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه، 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جڏهن ته پوري جا پورا ڳوٺ ۽ ماڻهن جا روزگار جا ذريعا لڙهي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آ??ي. ??اڪستان حڪومت ريسڪيو ۽ فوري امدادي ڪاررواين جي ل??ءِ دستياب سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته خوراڪ جو متوقع عدم تحفظ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ان کانپوءِ ايندڙ وڏا چئلينجز هوندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان بحران جي شدت جي ڪري پاڪستان پنهنجي طور تي انهن گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي مسلسل عالمي تعاون، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ل??ءِ آمريڪي مدد ۽ حمايت گهربل هوندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان موسميات?? تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين سر تعمير جي منصوبابندي ۽ ان کي لاڳو ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان کي ان حوالي سان عالمي مهارت، فني مدد، فنڊنگ ۽ اڳڪٿي جي ل??ءِ موسمياتي فنانسنگ جي ضرورت آ??ي. ??ن چيو ته ماحوليات?? تبديلي دنيا ۾ رهندڙ انسانن جي ل??ءِ گڏيل چئلينج آهي، ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آ??ي. ??و ايس ايڊ جي ايدمنسٽريٽر سمانٿا پاور ٻوڏ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي ل??ءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته يو ايس ايڊ مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهڙي طرح اهو 51 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. سمانٿا پاور ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪي انتظاميا ان مشڪل حالتن ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ فنڊز ۾ اضافي تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ ريليف جو مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير هڪ مشڪل چئلينج آهي، جنهن جي ل??ءِ پاڪستان عالمي امداد جو منتظر آهي.
يو ايس ايڊ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آهي: سمانٿا پاور
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل